ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن تي ڪنٽرول نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ وڌيڪ 13 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب حيدرآباد ڀرسان هوسڙي واري علائقي ۾ رولو ڪتن نوجوان کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي محمد حنيف پنهور کي ويڪسين لڳرائڻ لاءِ وارث هوسڙي اسپتال کڻي پهتا پر سينٽر بند هئڻ سبب نوجوان کي ويڪسين نه ٿي سگهي. نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد خان ويگھيو ۾ ڪتن 9 ورھين جي ڪاشف وگھيو ۽ 7 ورھين جي آزان علي وگھيو کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، قمبر ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن چئن ڄڻن علي شير، حضوران، سرفراز ۽ محمد دلاور کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو. غوثپور ۾ رولو ڪتن هڪ عورت سميت پنجن ڄڻن کي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ مسمات مريم خاتون، مهربان شيخ، محمد يوسف، مهراڻ علي ۽ امام الدين نصيراڻي شامل آهن. ڪنب ۾ رولو ڪتن ٽن سالن جي حسنين ڄامڙو کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو،