ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ درياءَ خان ڏھراج ۾ ڪڻڪ جي ديري تي ڪم ڪندڙ نوجوان پورهيت بخشل ڏھراج ٿريشر جي شافٽ ۾ وچڙجي سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر ٺاروشاهه آندو ويو جتان زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه پنهنجي ڳوٺ پهچڻ تي سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. جڏهن ته فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.