لاهور(اسپورٽس نيوز) ڪورونا وبا جي ڪري فيفا ورلڊ ڪپ قطر جو آفريڪن ڪواليفائر ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي آفريڪن ڪواليفائر ملتوي ڪري ڇڏيو، هي مقابلا ايندڙ مهيني شيڊول هئا. فيفا جي ترجمان موجب رانديگرن جي صحت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هي ايونٽ ملتوي ڪيو ويو آهي،ي مقابلا سيپٽمبر، آڪٽوبر، نومبر يا وري ايندڙ سال مارچ ۾ موجود ونڊو ۾ ڪرائڻ جو آپشن موجود آهي.