ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي گھر تي حملو، ان ڏس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سچل ڳوٺ ۾ واقع سندس گھر تي حملو ٿيو آهي، جوابدارن گاڏي جا شيشا پڻ ٽوڙي ڇڏيا، گھٽي ۾ شهرين کي 35 منٽن تائين يرغمال بڻايو ويو، پوليس پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا. هن چيو ته ڪورونا سبب سياسي سرگرميون معطل ھيون، 3 مئي تي بحريه ٽائون جي والار خلاف سنڌي وسندين جو دورو ڪري يڪجھتي جو اظھار ڪيم ته صبح جو گھر تي حملو ڪيو ويو. گھٽي ۾ شھرين تي ھٿيار تاڻي چيو ويو ته سڀ گھرن ۾ ھليا وڃو، جيڪڏھن هٿياربند گاڏي چور ھئا ته گاڏي ڪاھي وڃن ھا، ڦورو ھئا ته ڦر ڪري وڃن ھا پر هي سليڪٽڊ ڪارروائي ھئي، مون کي يا منھنجي پٽن کي اغوا ڪرڻ يا مارڻ جي منصوبابندي ھئي، هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم ماڻھن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڪڏھن بغاوتن جا ڪيس ته ڪڏھن وري حملا ڪيا وڃن ٿا، چيف جسٽس نوٽيس وٺي. هوڏانهن سچل پوليس واقعي واري جاءِ جو معائنو ڪري رياض چانڊئي کان تفصيل معلوم ڪيا. پوليس ذريعن موجب ابتدائي جاچ موجب واقعو چوري جو لڳي ٿو، جوابدارن ڪار کي چورائڻ لاءِ شيشا ٽوڙيا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ رياض چانڊيو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تفصيل معلوم ڪيا. حليم عادل شيخ کيس مدد جو يقين ڏياريو ۽ پوليس کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو