ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سب انسپيڪٽر اپر ڪورس ڪرڻ بنا ايس ايچ او لڳي سگھندا، اميدوارن کان درخواستون طلب، ڪالهه ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جي آفيس مان جاري ڪيل ڪنٽرول ميسيج ۾ چيو ويو آهي ته جن سب انسپيڪٽرن جو اپر ڪورس ٿيل ناهي، سب انسپيڪٽر طور 2 سالن تائين سروس ڪري چڪا آهن ۽ ايس ايچ او لڳڻ جا خواهشمند آهن ته پنهنجي درخواستون اماڻين. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سب انسپيڪٽر کي ايس ايچ او مقرر ڪرڻ لاءِ اپر ڪورس جو شرط لازمي قرار ڏنو ويو هو