بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو ڳوٺ جاني جکراڻي ۾ بااثر وياج خورن قرض ادا نه ڪرڻ تي ڳوٺاڻي جي گهر مٿان مبينا طور حملو ڪري شاهه غازي، مسمات ڀاڳل خاتون، قاسم ۽ وشدل جکراڻي کي لٺيون هڻي زخمي ڪري وڌو، ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن وياج خورن خلاف احتجاج ڪندي قاسم جکراڻي ۽ وشدل جکراڻي دانيهندي چيو ته 12 جريب زمين وڪرو ڪري وياج خورن کي 43 لک روڪ رقم ادا ڪرڻ بعد به وياج خور پئسن لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين، اڄ جوابدارن گهر تي حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي وياج خورن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.