ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ تعمير هيٺ عمارت جي شٽرنگ ڪري پئي، جنهن جتي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور ملبي هيٺ دٻجي ويا آهن
پوليس موجب حادثو ڊفينس جي فيز 6 ۾ واقع خيابان نشاط وٽ پيش آيو، جتي عمارت جي پهرين منزل جي شٽرنگ ٿي رهي هئي پر ڪانٽريڪٽر جي غلط پلاننگ سبب سڄي شٽرنگ هيٺ ڪري پئي
شروعاتي اطلاعن موجب 12 مزدورن مان ڪيترائي مزدور لوهي شٽرنگ جي ملبي هيٺان دٻجي ويا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ته حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين کي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي
ريسڪيو ذريعن موجب ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي