لاهور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 گهر ڀاتي فوت

0
190
لاهور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 گهر ڀاتي فوت
لاهور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 گهر ڀاتي فوت

ڪراچي (م ڊ) لاهور جي علائقي مومن پوره ۾ پراڻي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه عورتون ۽ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيو آهي

ريسڪيو ذريعن موجب مومن پوره ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 45 ورهين جي بيگم بي بي، 30 ورهين جي روبي، هڪ ورهين جو طيب ۽ هڪ مهيني جي عنايه فوت ٿي ويا

ريسڪيو ٽيم هڪ ورهين جي ٻارڙي کي زخمي حالت ۾ ملبي مان ڪڍي کيس ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر لاهور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي