مدئجي  ۾ ارڙي ڦهلجي وئي، 10 کان مٿي ڪيس ظاهر

0
151
مدئجي ۾ ارڙي ڦهلجي وئي، 10 کان مٿي ڪيس ظاهر
مدئجي ۾ ارڙي ڦهلجي وئي، 10 کان مٿي ڪيس ظاهر

مدئجي (ن پ ا) مدئجي  ۾ ارڙي ڦهلجي وئي، 10 کان مٿي ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثر ٻارڙن جو  انگ 18 ٿي ويو، جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن

يوسي ڇتو منگي جي ڳوٺ خدابخش بروهي ۾ 10 کان مٿي معصوم ٻارن ۾ ارڙي جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا، متاثر ٻارڙن ۾ معصوم نينگري صدوري، آمنه بروهي، ميرزادي بروهي، سمران علي بروهي، رحمان بروهي، نبي داد بروهي، امداد علي بروهي، لطيف ۽ فيض محمد بروهي شامل آهن

ڳوٺاڻن چيو ته ڳوٺ ۾ ارڙي تيزي سان ڦهلجي رهي آهي،اسان جي ڳوٺ ۾ تمام گهڻا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن ڪري ٻارن کي گهرن تائين محدود ڪيو آهي

هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ترت ارڙي تي ضابطو آڻي ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيمن کي ڳوٺن ۾ موڪليو وڃي ته جيئن معصوم گلن جهڙن ٻارن جون حياتيون بچي سگهن