ڪورونا ڪيس: حيدرآباد جي وڌيڪ 19 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو

0
458

حيدرآباد: ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن بعد ضلعي انتظاميه پاران وڌيڪ 19 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي 7 يونين ڪائونسلن جي 19 علائقن ۾ سڀاڻي کان لاڪ ڊائون لاڳو ٿيندو، اهو سمارٽ لاڪ ڊائون 12 مئي تائين جاري رهندو. حيدرآباد انتظاميه طرفان سٽي تعلقي جي يو سي 3, 9، لطيف آباد جي يو سي هڪ، 6, 12 قاسم آباد جي يوسي هڪ ۽ 4 جي 19 علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ لاء نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.