سکر ۾ عزادارن حڪومتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، سخت رڪاوٽن باوجود عزادارن ماتمي جلوس ڪڍي عزاداري ڪئي. سکر جي مرڪزي امام بارگاهه جي چئني طرفن کان رڪاوٽون رکي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري انتظاميا رستا سيل ڪيا هئا. عزادارن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي مرڪزي امام بارگاهه کان ماتمي جلوس ڪڍيو. ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه، شڪارپور روڊ کان ٿيندو گهنٽا گهر پهچي ويو. ماتمي جلوس دستوري روٽن کان ٿيندو ساڳي مرڪزي امام بارگاهه وٽ نهر ٿيندو. ماتمي جلوس ۾ وڏي تعداد ۾ عزادارن شرڪت ڪئي، عزادارن سينا زني ۽ زنجيرن جو پڻ ماتم ڪيو.