جوھي: شاعر حميد آس ٻٻر سولر پليٽون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار

0
570

جوهي: جوهي جي مشهور شاعر عبدالحميد آس ٻٻر کي سولر پليٽون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر عاشق زنئور جي ٽيوب ويل تان 36 سولر پليٽون چوري ٿي ويون، کوجي ڪتن چورن جو پيرو ڀلوڙ شاعر حميد آس ٻٻر جي گھر ۾ اچي لڳايو، جنهن تي پوليس شاعر جي گهر ڪڙو چاڙهي کيس گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.