ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 895 نوان ڪيس ظاهر، 11 مريضن حياتيون وڃائي ڇڏيون،صوبي ۾ ڪورونا صورتحال بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته ھن وقت 16066 مريض علاج ھيٺ آھن، جن مان 15430 گھرن اندر، 5 آئيسوليشن سينٽرن ۽ 631 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلي رهيو آهي. هن چيو ته 592 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جن مان 53 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ 426، حيدرآباد ۾ 146، ڄامشوري ۾ 45، لاڙڪاڻي ۾ 43، نوشھروفيروز ۾ 41، ڪشمور ۾ 38، ميرپورخاص ۾ 36، خيرپور ۾ 24، دادو ۾ 14، قمبر-شھدادڪوٽ ۾ 14، سانگھڙ ۾ 14، مٽياريءَ ۾ 13، ڪورنگي ۾ 12، سکر ۾ 9، نوابشاھه ۾ 9، بدين ۾ 3، شڪارپور ۾ 2، جيڪب آباد ۾ 2، گھوٽڪيءَ ۾ 2 ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي