پي ٽي آءِ ۾ اندروني اختلافن جو ذميوار ڪير؟

0
204
وزيراعظم جا اعلان،مخالف ڌر جو خوف يا عوام جو درد ؟

  ملڪ جون حالتون ڪجهه به هجن پر حڪومت جا وزير سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپڻ ۾ دير نٿا ڪن. ملڪ جي اها زرعي زمين جتي ڪڻڪ جي پوکائي شروع ڪئي وئي اتي جي علائقن بلڪ ايئن چئجي ته ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ يوريا ڀاڻ جي گهٽتائي آهي جتي يوريا ڀاڻ ملي ٿو اتي وري مقرر ڪيل اگهه کان وڌيڪ ۾ ملي ٿو، ان حوالي سان ڪالھه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست به داخل ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري جي دعويٰ هئي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ ڪپھه جو بمپر فصل ٿيو آهي پر حقيقيت ڪجهه ٻي آهي. کاڌ خوراڪ واري وزير فخر امام جو چوڻ آهي ته ملڪ م ڪپھه جون ست لک کان وڌيڪ ڳٺڙيون لٿيون آهن پر اسان پنهجي ويجهي ماضيءَ ۾ ڏسون ته ملڪ ۾ چوڏهن لک ڳٺڙين جي پيداوار به ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح ڪڻڪ جي فصل جي باري ۾ ساڳي دعويٰ ڪئي وئي ته بمپر فصل ٿيو آهي پر افسوس جو صنعتن جي پيداوار واري وزير 50 لک ٽن ڪڻڪ روس مان گهرائڻ جي سمري اي سي سي ۽ بعد ۾ ڪابينا ۾ پيش ڪئي جنهن کانپوءِ اها ڪڻڪ آئي ان کي جڏهن مارڪيٽ ۾ پيش ڪيو ويو ته ان جي حالت ايتري ته خراب هئي جو ان ڪڻڪ ۾ مقامي طور پيدا ٿيل ڪڻڪ شامل نه ڪجي ته ماني ڪو نه پچندي. ايئن ئي وزير اعظم عمران خان سان تجارت واري وفاقي وزير رزاق دائود يوريا ڀاڻ وافر مقدار ۾ موجود آهي جو راڳ آلاپيو پر افسوس جو اهو راڳ راڳ ئي رهيو بعد ۾ تجارت واري وفاقي وزير راڳ جي صورت ۾ سمري منظور ڪرائي، ايل اين جي هجي يا کنڊ مطلب ته روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي وافر مقدار جي راڳ وزير اعظم آڏو آلاپيو ويو پر اسان جو وزير اعظم عمران خان جيڪو مديني جي رياست کان تقرير شروع ڪري مديني جي رياست واري بيان تي ختم ڪري ٿو.

نواز شريف کان آصف علي زرداري کي سزا ڏيارڻ جي ڳالھه ڪري ٿو پر کيس اهو نظر نٿو اچي ته ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، فصل جي پيداوار بهتر نه هئڻ سبب غذائي بحران ڪر کڻي رهيو آهي پر اسانجا وزير  سڀ ٺيڪ آهي ۽ اپوزيشن مٿان تنقيد ڪرڻ وارا بيان ڏيڻ کان ٿڪجن نٿا.هر وقت غلط ڳالھه ڪري اصل اشوز کان منهن موڙڻ هن حڪومت جي وزيرن جي عادت بڻجي وئي آهي، حالت اها آهي ته قومي اسيمبلي جي هاڻوڪي اجلاس ۾ پي ٽي آئي جي ميمبر نور عالم خان جيئن ڳالهايو ان جو مثال نٿو ملي. هن ايتري تائين اسيمبلي فلور تي چيو ته ملڪ جون حالتون ان وقت تائين بهتر نه ٿينديون جيستائين اسيمبلي حال ۾ حڪومتي بئنچن جي پهرين ٽن لائينن ۾ ويٺل ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾نٿا وڌا وڃن.  انهن کان پڇا ڪري کانئن سندن  ڪيل واعدن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

ان اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آئي جي پارليماني اجلاس ۾ بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ وفاقي وزير حماد اظهر وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي اها به ريڪارڊ تي آهي، پارٽي ۾ اندروني سطح تي ايترا ته اختلاف وڌي چڪا آهن جو هنن وفاقي وزيرن کي پنهنجا اختلاف لڪائڻ ۽ ميڊيا جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ن ليگ جي اڳواڻن مٿان الزام تراشي ڪرڻي ٿي پئي  ته هنن جي چار اڳواڻن اسٽيبلشمينٽ وارن سان ڊيل ڪري واضح پيغام ڏنو آهي ته پي ٽي آئي منجهه اختلاف ناهن. تازو پي ٽي آئي ڪي پي  جي صدر پرويز خٽڪ نور عالم خان کي پارٽي پاليسين جي خلاف ورزي تي شو ڪاز نوٽيس جاري ڪري کانئس جواب طلب ڪري ورتو آهي، هاڻي ڏسجي ته نور عالم جهڙيون ڳالهيون  اسيمبلي فلور تي ڪري ٿو اهڙو ئي جواب ڏيندو يا وري سياسي بيان ڏئي پنهجي جان ڇڏائيندو؟.

خير، هن وقت پي ٽي آئي جي اندر چونڊيل ميمبر ايترا مايوس ٿي چڪا آهن  جو هو نجي محفلن ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ يرغمال قرار ڏين ٿا، چونڊيل ميمبر اهو به چون ٿا ته هي ڪهڙي قسم جو وزير اعظم آهي جيڪو پنهجن ايم اين ايز سان به نٿو ملي،کيس نه معيشت جي خبر آهي نه وري سماجي سڌارن جي خبر اٿس، ميمبرن جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آئي جي قيادت هر وقت اپوزيشن جي اڳواڻن جي خاندانن مٿان تنقيد ڪري ٿي پر  پي ٽي آئي اڳواڻ پاڻ کي نه ٿا ڏسن. وزير اعظم عمران خان جو پنهجو اولاد پاڪستان ۾ نٿو رهي، جهانگير ترين جي فيملي ۽ ان جون ملڪيت پرڏيھه ۾ آهن، اسد عمر جا ٻار پرڏيهه کان پڙهيل آهن، وفاقي وزير فواد چوڌري پاڻ ٻاهران پڙهي آيو آهي، هن وقت هن جو گروپ وزير اعظم آڏو ايترو ته مضبوط آهي جو وزير اعظم ڪنهن به اهم آئيني عهدي تي جيڪڏهن ڪا مقرري ڪندو آهي ته فواد چوڌري کان ضرور مشورو ڪندو آهي ان جو فائدو فواد چوڌري به وٺندو آهي. وفاقي وزير حماد اظهر پنجاب جي نئين بلدياتي نظام لاڳو ٿيڻ کانپوءِ لاهور جو ميئر ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو ان لاءِ هن ڀرپور ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. مطلب ته پي ٽي آئي جا اڳواڻ هجن يا ايم اين ايز هجن انهن جا ٻار سال جو گهڻو وقت پرڏيھه ۾ گذارن ٿا اتي پڙهن ٿا انهن جا ويجها رشتيدار پرڏيھه ۾ ڪاروبار ڪن ٿا.

شهباز گل پاڻ هڪ امپورٽ ڪيل عمران خان جو ماڻهو آهي جنهن کي صرف اپوزيشن مٿان تنقيد لاءِ ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي،ان کان جيڪڏهن ڪو صحافي پارٽي اختلافن بابت سوال ڪري ٿو ته ان صحافي پٺيان هو پنهنجا قريبي صحافي ڇڏين ٿا جيڪي نوڪري پوري ڪندي سوال ڪندڙ صحافي جي زندگي حرام ڪري ٿا ڇڏين. تازو قومي اسيمبلي ۾ مني بجٽ واري اجلاس جي ڏينهن هڪ صحافي وزيراعظم کان سوال ڪيو ته ان جو جواب ته نه مليو پر پي ٽي آئي جي چونڊيل صحافين ان صحافي جي جيڪا عزت ڪئي اها اسانجي اکين جي سامهون آهي.پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ ڪجهه شريڪ رهندڙ ميمبرن اهو به ٻڌايو ته هاڻي پارٽي اڳواڻن کان سوال ڪيا پيا وڃن ته مهانگائي سبب ماڻھو سوال ڪن ٿا انهن کي ڇا جواب ڏيون؟ اهڙيون حالتون رهيون ته ميمبر ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آئي کي ڇڏي ويندا، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي وزير اعظم عمران خان ڪو به جواب نه ڏنو، پي ٽي آئي جي هڪ اهم اڳواڻ اهو به ٻڌايو ته پارٽي جا اهڙا ميمبر جن سان وزير اعظم عمران خان ته ٺهيو ان جا ويجها ماڻهو به نٿا ملن انهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سان رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

وزير اعظم عمران خان کي اهڙن رابطن بابت معلومات آهي پر سندس  ويجهڙائي ۾ رهندڙ ماڻهو اهو جواب ڏين ٿا جيڪي ايم اين ايز ٻين پارٽين سان رابطو ڪن ٿا انهن جي وڃڻ سان پي ٽي آئي کي ڪو به نقصان نه پوندو، انهن جي جاءِ تي نوان ماڻهو آڻيندا سين.پي ٽي آئي جي اندروني حالتن جو ڀرپور فائدو پاڪستان پيپلزپارٽي وٺي رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ جيڪي پاليسيون ٺاهيون ويون آهن ان مطابق جيڪو به ميمبر پي ٽي آئي ڇڏي ايندو ان جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو، اهڙا کوڙ ماڻهو ڪي پي ۾ پي ٽي آئي ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. پرويز خٽڪ جو سڳو ڀاءُ هجي يا ڀائٽيو، بلوچستان ۾ سردار هجن  سڀ پيپلز پارٽي ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ساڳي حالت پنجاب جي آهي جتي چونڊ جي قابل شخصيتون سڌي يا اڻ سڌي طرح پيپلز پارٽي جي قيادت سان رابطا ڪري رهيون آهن، ايئن پيو لڳي ته ڄڻ ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي آهي ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت  جو انداز به بدلجي ويو آهي. ايندڙ حڪومت ڪنهن جي به هجي ان کي آساني سان کليل ميدان نه ملندو، انهن لاءِ موجودہ حڪومت جي پيدا ڪيل پريشانين جو ڏاج تيار رهندو، مهانگائي گهٽ ٿيڻ هاڻي ممڪن ناهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي به ناممڪن نظر اچي ٿي اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن نئين حڪومت پاڻ نبيري سگهندي. ملڪ اندر ڊيل جون جيڪي ڳالهيون حڪومتي ايوانن مان نڪري رهيون آهن  انهن  جو جائزو وٺجي ته پي ٽي آئي ۾ اندروني اختلاف چوٽ چڙهي چڪا آهن اهي اختلاف هڪدم ظاهر ٿيندا ۽ نتيجي ۾ پي ٽي آئي کي نقصان ٿيندو سندس چونڊيل ميمبر جيڪي هن وقت اڪيلائي ۾ پارٽي خلاف ڳالهائين ٿا اهي کلي عام ڳالھائڻ شروع ڪندا.