سيد علي مردان شاهه هڪ بهادر ۽ بيباڪ اڳواڻ!

0
160
سيد علي مردان شاهه هڪ بهادر ۽ بيباڪ اڳواڻ!

 سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڄام صادق علي جو دور سياسي پارٽين ۽ سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ ڪارو دور هو، جنهن ۾ سنڌ جون سموريون جهموريت پسند ۽ قومپرست پارٽيون سياسي عتاب جو نشانو بڻيل هيون، خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن لاءِ ڌرتي ٽامو بڻائي وئي هئي، ان وقت پ پ پ جا ڪيترائي اڳواڻ ڀڄي ۽ لڪي ويا پر هن کاروڙي جي نوجوان سياستدان علي مردان شاهه ڄام صادق علي جي سموري بربريت، ڏاڍ ۽ ظلم جو وڏي بهادري ۽ دليري سان مقابلو ڪيو، گرفتاريون، جيل ۽ اذيتون برداشت ڪيائين پر ڄام صادق علي جي آڏو نه جهڪيو ۽ نه ئي پاڪستان پيپلز پارٽي سان پنهنجي وفاداري تبديل ڪئي.

سيد علي مردان شاهه پنهنجي سياسي بصيرت، ڏاهپ، سمجهداري، بهادري، قرباني ۽ پارٽي سان ڪميٽمينٽ جي ڪري نه رڳو پنهنجي تڪ ۽ علائقي جي ماڻهن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت وٽ عزت ڀرئي جڳهه حاصل ڪيائين، ان ڪري پ پ پ جي قيادت وٽ ميرپورخاص ڊويزن جي حوالي سان ٿيندڙ سياسي ۽ تنظيمي فيصلن بابت سيد علي مردان شاهه جي راءِ کي وڏي اهميت هوندي هئي. سائين جي پارٽي سان سچائي ۽ وفاداري کي نظر ۾ رکندي پارٽي جي مرڪزي قيادت نئين سر تنظيم سازي جي مرحلي ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي صدارت ڏيڻ جي آڇ ڪئي، سائين اها آڇ انڪري قبول نه ڪئي جو عمرڪوٽ ضلعي ۾ پ پ پ کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ سائين تمام گهڻي محنت ڪئي هئي ۽ قرباني ڏني هئي. سائين جو خيال هو ته منهنجي عمرڪوٽ ضلعي مان هٿ ڪڍڻ جي ڪري پارٽي عمرڪوٽ ضلعي مان ڪمزور ٿي ويندي، انڪري آئون في الحال عمرڪوٽ ضلعو ئي سنڀاليندس، پارٽي قيادت مونکي عمرڪوٽ ضلعي ۾ ئي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي. پارٽي قيادت سائين جي اهڙي راءِ کي اهميت ڏيندي ٻيهر عمرڪوٽ ضلعي جي صدارت سونپي ڇڏي.سيد علي مردان شاهه 1957ع ۾ سيد عبدالنبي شاهه عرف حاجي ميان شاهه جي گهر عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ پيدا ٿيو.

سنڌ سان عشق ڪندڙ کاروڙي جي سادات خاندان ۾ جنم وٺندڙ سيد علي مردان شاهه جي سياسي سکيا ۽ تربيت سندس مامي سائين شاهه مراد شاهه ڪئي جيڪو ان وقت نه رڳو ناري جي پٽ ۽ ٿر جي مشهور روحاني، سياسي ۽ سماجي شخصيت هو پر سندس نالو سڄي هنڌ ۽ سنڌ ۾ مشهور هو. سيد علي مردان شاهه باقائدي عملي سياست جي شروعات 1979 ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان ڪئي, جنهن ۾ هو عمرڪوٽ جي ڪپلور تپي مان بنا مقابلي اڳوڻي ضلعي ٿرپارڪر جي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو. ان کانپوءِ 1983ع ۾ ٻيهر بلدياتي چونڊن ۾ بنا مقابلي نه رڳو ميمبر ٿيو پر ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين پڻ چونڊيو ويو ۽ 1987ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ٽيون ڀيرو پڻ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو. بعد ۾ سيد علي مردان شاهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾ باقائدي شموليت اختيار ڪئي ۽ 1988ع جي چونڊن ۾ کيس عمرڪوٽ جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي ٽڪيٽ ملي، جنهن ۾ علي مردان شاهه وڏي اڪثريت سان کٽي آيو ۽ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. هن کانپوءِ صرف 1990ع ۾ هڪڙي اليڪشن هارائڻ بعد ملسلسل ڇهه ڀيرا 1993ع, 1997ع, 2002ع, 2008ع, 2013ع ۽ 2018ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻجي نه رڳو هڪ شاندار ۽ پارلياماني رڪارڊ قائم ڪيو پر عمرڪوٽ ضلعي سميت سموري ميرپورخاص ڊويزن تي پنهنجو زبردست سياسي اثر رسوخ قائم ڪيائين.

سيد علي مردان شاهه جي سياست نه رڳو سندس تڪ تائين محدود هئي پر ان سموري ميرپورخاص ڊويزن جي ٽنهي ضلعن عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر تائين پنهنجو سياسي اثر قائم ڪيو. ننگرپارڪر کان وٺي اڇڙي ٿر تائين خوشين ۽ غمين ۾ عوام سان گڏ هوندو هو. سيد علي مردان شاهه جي مسلسل ڪاميابي جو سبب سندس سياسي خوبيون هيون، سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته مذهب، رنگ، نسل، ذات پات کان بالاتر ٿي پنهنجي تڪ ۽ علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ سان گڏ هر ڏکي مهل مالڪي ڪندو هو. سيد علي مردان شاهه جي ٻئي وڏي خوبي ماڻهن جي سڃاڻپ هوندي هئي، هو پنهنجي تڪ توڙي علائقي جي ماڻهن کي انهن جي خاندانن جي پسمنظر تائين چڱي ريت سڃاڻندو هو. جيڪو به ساڻس هڪ دفعو ملاقات ڪندو هو، ان کي هميشه سندس نالي ۽ شڪل سان سڃاڻندو هو، ان ڪري سندس تڪ توڙي سموري علائقي جا ماڻهو سيد علي مردان شاهه سان محبت ۽ احترام ڪندا هئا.

ميرپورخاص ڊويزن ۽ خاص طور تي عمرڪوٽ ضلعي جي سياست ۾ مسلم ليگ ۽ فنڪشنل ليگ سگهارا فيڪٽر رهيا آهن، انهن کي شڪست ڏئي پاڪستان پيپلز پارٽي کي منظم، مضبوط ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ سائين علي مردان شاهه جو اهم ڪردار رهيو آهي. آئون هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان اها ڳالهه دعوا سان چوان ٿو ته اسان وٽ سائين علي مردان شاهه جهڙو مضبوط ۽ سگهارو ڪردار نه هجي ها ته پ پ پ عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ جماعتين، اربابن، پيراڻين گادين ۽ پ پ مخالف قوتن جو مقابلو ايڏو آساني سان نه ڪري سگهي ها. سائين علي مردان شاهه جي شخصيت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ جيالن لاءِ هڪ ڏڍ ۽ سهارو هئي. اڳواڻ ۽ ڪارڪن تنظيمي ۽ سياسي معاملن ۾ سائين علي مردان شاهه جي رهنمائي حاصل ڪندا هئا.

سيد علي مردان شاهه سمورن اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ عوام سان مذهب، ذات پات، اوچ نيچ جي فرق کانسواءِ سڀني سان هڪجهڙو پيش ايندا هئا. پنهنجي راءِ ۽ فيصلا هميشه ميرٽ جي بنياد تي ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سيد علي مردان شاهه جي وفات کانپوءِ سندس خالي ٿيل سيٽ تي سندس پٽ سيد امير علي شاهه کي تڪ جي ماڻهن اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم جي مقابلي ۾ وڏي اڪثريت سان کٽرائي سنڌ اسيمبلي موڪليو. اميد آهي ته سيد امير علي شاهه به سندس والد جيان پنهنجي تڪ سميت علائقي جي ماڻهن جي ڀرپور خدمت ڪندو ۽ عوام جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو. سيد علي مردان شاهه پ پ پ ۽ عوام لاءِ ڪيل شاندار تاريخي خدمتن، جهدوجهدن ۽ ادا ڪيل پنهنجي بهادري ۽ بيباڪي واري ڪردار سبب هميشه عوام جي دلين ۾ زنده رهندو.