ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسٽيٽ بينڪ سود جي شرح ۾ 150 بيس پوائنٽس جو اضافو ڪيو آهي
اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي اجلاس ۾ وياج جي شرح وڌائي 8.75 سيڪڙو ڪئي وئي
اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل اجلاس کان وٺي ادائيگين ۽ مهانگائي جو توازن بگڙي ويو آهي ۽ اهو توازن مقامي ۽ عالمي عنصرن جي ڪري وڌي رهيو آهي
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته درآمدي قيمتن ۾ اضافو توقع کان وڌيڪ مهانگائي کي وڌائي رهيو آهي جڏهن ته معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي.