عمران خان! جيالا توهان جي گهر ۾ گهڙي شڪست ڏيندا: بلاول جو نوشهره ۾ جلسي کي خطاب

0
228
بلاول جو نوشهره ۾ جلسي کي خطاب
عمران خان! جيالا توهان جي گهر ۾ گهڙي شڪست ڏيندا: بلاول جو نوشهره ۾ جلسي کي خطاب

نوشهره: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته هاڻي توهان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي ويو آهي. پيپلزپارٽي جا جيالا هاڻي توهان جي گهر ۾ گهڙي توهان کي سياسي شڪست ڏيندا. اهڙو اظهار هن ڪي پي جي شهر نوشهره ۾ جلسي کي خطاب دوران ڪيو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي 60 نقاطي ايجنڊا ۾ ڪو هڪ نقطو به مهانگائي جي خاتمي لاءِ نه هو. پارليامينٽ مان عوام جي ڀلائي لاءِ مهانگائي يا بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪنهن هڪ پاليسي جي به منظوري نه ڏئي وئي. عمران خان رڳو عوام جي پيٽ، حقن ۽ ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته هاڻي پيپلزپارٽي جو دور آهي ۽ عمران خان کي وارننگ ٿو ڏيان ته تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي ۽ هاڻي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. پيپلزپارٽي جا جيالا توهان جي گهر ۾ گهڙي سياسي شڪست ڏيندا. بلاول چيو ته ڪارڪن ڪي پي ۾ هر ان ماڻهوءَ وٽ پهچن جيڪو جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي ٿو

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام سليڪٽڊ حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ عوام جي طاقت سان اسان سليڪٽڊ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري عوام جي چونڊيل جمهوري حڪومت ضرور آڻينداسين

ھي وڊيو بھ ڏسندا