پاڪستان بنگلاديش کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سنسني خيز مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي

0
295

ڍاڪا: پاڪستان بنگلاديش کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سنسني خيز مقابلي بعد 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 128 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو

پاڪستان هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڍاڪا ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو مددگار ثابت نه ٿيو

پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪندي بنگلاديش کي مقرر 20 اوورن ۾ 127 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو. موٽ ۾ پاڪستاني اننگز جي شروعات به چڱي نه هئي، 39 جي اسڪور تي 4 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا، بعد ۾ شاداب خان ۽ محمد نواز جي شاندار بيٽنگ ٽيم کي فتح ڏياري

ھي به پڙھندا

ٽيم کي جهنڊي سميت واپس موڪليو! بنگلاديشي وزير پاڪستاني جهنڊو لڳائڻ تي چڙي پيو