ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ دڪان تان ڦر جي ڪوشش، دڪاندار فائرنگ ڪري هڪ ڦورو کي ماري ڇڏيو، ان ڏس ۾ مڇر ڪالوني ۾ رات دير سان 6 هٿياربندن دڪان مان ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب ڦرلٽ جي ڪوشش دوران دڪاندار مزاحمت ڪندي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، سندس 5 ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ 27 ورهين جي عبدالحق پٽ سعيد عالم طور ٿي.