ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي تڪ اين اي اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ جون سرگرميون هلندڙ آهن، ان سلسلي ۾ گذريل رات دير سان بلديا ٽائون واري علائقي ۾ پي ايس پي جي آفيس ٻاهران فائرنگ ڪئي وئي، بلديا واري علائقي ۾ المدينه ڪالوني ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ صابر احسان موجب پيپلزپارٽي جي ماڻهن اسان جي آفيس تي فائرنگ ڪئي آهي. فائرنگ سان ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، رڳو ڀاڄ پئجي وئي. ٻئي پاسي پوليس موجب مدينا ڪالوني واري علائقي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، هڪ ماڻهو مخالفن جي ماڻهن تي پٿراءُ ڪيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. فائرنگ ڪندڙ شخص کي ڳوليو پيو وڃي. هوڏانهن ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي وٽ فقيرا ڳوٺ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جتي هڪ ڄڻو قتل ٿي پيو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. مقتول جي سڃاڻپ خالد جي نالي سان ٿي آهي.