شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ڀرسان ڇرڪائيندڙ واقعو، جنوني شخص مبينا گهرو اڻبڻت تان ڪهاڙين جا وار ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو، تيز ڌار اوزار سان ٻن ڌيئرن جا ڳلا ڪپڻ بعد جوابدار پنهنجو ڳلو به ڪپي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، ٽنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ تان ڪهاڙي ۽ ڏاٽو هٿ، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، ڪيس داخل نه ٿيو. ڳوٺ عبدالرشيد آرائين ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جنوني شخص چيتن ڪولهي گهرو اڻبڻت تان ڪهاڙين ۽ ڏاٽن جا وار ڪري پنهنجي گهر واري شريمتي هيري کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پنهنجي 13 ورهين جي ڌيءُ راڻي ۽ 8 ورهين جي ڌيءُ گلالي جو ڳلو ڪپڻ بعد جوابدار چيتن پنهنجو به ڳلو ڪپي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي زخمين کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد ٽنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. جڏهن ته مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس ڀاءُ امرشي ڪولهي حوالي ڪيو ويو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. علائقي واسين موجب لاڏائو قبيلي سان تعلق رکندڙ هي خاندان ڪجهه وقت اڳ رهائش اختيار ڪئي هئي. ميڊيڪل چڪاس ڪندڙ ڊاڪٽر آفتاب ڳرواڻ موجب واقعي ۾ تيز ڌار اوزار استعمال ڪيو ويو آهي زخمين ۾ چيتن ۽ سندس 13 ورهين جي ڌيءُ راڻي جي رت ڪافي وهي وڃڻ سبب سندن حالت خطري ۾ آهي.