لعلورائنڪ(رپورٽ:پرويز علي خاصخيلي)لعلورائنڪ ۾ لعلو ڪنگ سپر ليگ جو فائنل ڪنگ زلمي کٽي ورتو. اِن ڏس ۾ لعلورائنڪ شهر ۾ 40 ڏينهن کان جاري لعلو ڪنگ سپر ليگ ۾ 6 ٽيمن حصو ورتو، فائنل ۾ ڪنگ زلمي ۽ ڪنگ هيروز جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو.فائنل۾ ڪنگ هيروز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنز ٺاهيون، جواب ۾ ڪنگ زلمي مقرر اوورن ۾ هدف حاصل ڪري ايونٽ کٽي ورتو.حنيف مغيري 13 بالن ۾ 40 ۽ لياقت چنو 44 رنز ٺاهي نمايان رهيا. لياقت چنو کي بهترين ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو،جڏهن ته حنيف مغيري کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.