جھول (رپورٽ: ممتاز شر)جھول ۾ خليل جٽ نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ پنهنجي پڄاڻي تي پھتو, فائنل ميرپور خاص کٽي ورتو. ان ڏس ۾ 7 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ايونٽ جي فائنل ۾ الشھباز فٽبال ڪلب جھول ۽ ميرپورخاص جي موسي ميموريل فٽبال ڪلب ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو. ميرپورخاص ٽيم جھول جي ٽيم کي شڪست ڏئي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. آخر ۾ ونر ۽ رنر ٽيم جي رانديگرن ۾ پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي خان، راڻا انور راجپوت ۽ ٻين ٽرافيون ۽ ٻيا انعام ورهايا.