هراري(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ۾ موجود پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ اسڪواڊ ڪالهه هراري ۾ ٽريننگ ڪئي. ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل پاڪستان جا 11 رانديگر 21 اپريل تي زمبابوي پهتا هئا، جيڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز بعد اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن سان گڏ ٿيا. ٽيسٽ اسڪواڊ ميمبرز ڪورونا ٽيسٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد ٻين ميمبرز کي جوائن ڪيو، ان کان اڳ پاڪستان سان ويندڙ ڪرڪيٽرز الڳ ٽريننگ ۾ مصروف رهيا. پاڪستان زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچز جي سريز کيڏي ويندي، سيريز جي پهرين ميچ 29 اپريل تي شيڊول آهي.