فيٽف پاران پاڪستان کي ايندڙ سيشن تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو

0
255
گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو
فيٽف پاران پاڪستان کي ايندڙ سيشن تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو

پئرس: فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاران پاڪستان جو نالو ايندڙ سيشن تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پئرس ۾ ٽن ڏينهن کان جاري فيٽف جو اجلاس پڄاڻيءَ تي پهتو

اجلاس جي پڄاڻيءَ تي پريس ڪانفرنس ڪندي فنانشل ٽاسڪ فورس جي صدر ڊاڪٽر مارڪوس پلير فيصلن بابت آگاهه ڪيو. جون 2018 کان پاڪستان جو فيٽف جي گري لسٽ ۾ نالو موجود رهيو آهي. ٽاسڪ فورس موجب پاڪستان رهيل 6 شرطن مان 4 شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٻه شرط اڃا رهيل آهن.

فيٽف جي اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته پاڪستان جو گري لسٽ ۾ نالو ايندڙ سيشن تائين جاري رهندو.  اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر اربعا ڏينهن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو هو ته پاڪستان فيٽف پاران گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ رکيل 27 شرطن مان 26 شرط پورا ڪري چڪو آهي