سنڌ جي ٽن ڊي آءِ جيز عهدا ڇڏي ڏنا، ٻن ڊي آءِ جيز به اڄ عهدا ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0
579
سنڌ جَي ٻن ڊي آءِ جيز عهدا ڇڏي ڏنا
سنڌ جي ٽن ڊي آءِ جيز عهدا ڇڏي ڏنا، ٻن ڊي آءِ جيز به اڄ عهدا ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽن ڊي آءِ جيز عهدا ڇڏي ڏنا، ٻن ڊي آءِ جيز به اڄ عهدا ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو،

ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي اقبال دارا ۽ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي چارج ڇڏي ڏني، روٽيشن پاليسي تحت بدلي ٿيل ڊي آءِ جي لائسنس اينڊ ٽريننگ منير شيخ ۽ ڊي آءِ جي ٽرانسپورٽ اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن قمر رضا به اڄ عهدا ڇڏي ڏيندا،

ڄاڻايل آفيسرن به تصديق ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت ڊي آءِ جيز جي بدلي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکيو ويو هو پر وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ به بدلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي هئي