خورشيد شاهه آزاد پيو ٿئي: پنوعاقل ۾ جيالن ۽ سرڪاري آفيسرن جي فائرنگ

0
324
خورشيد شاهه آزاد
خورشيد شاهه آزاد پيو ٿئي: پنوعاقل ۾ جيالن ۽ سرڪاري آفيسرن جي فائرنگ

پنوعاقل: پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاهه جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ مان ضمانت منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ مختلف شهرن ۾ جشن ملهايو پيو وڃي. پنوعاقل ۾ جيالن سان گڏو گڏ سرڪاري آفيسر به خوشيءَ وچان هوائي فائرنگ ڪندي نظر آيا

ٽائون ڪميٽي جي اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽر شهمير جتوئي ۽ ٻين جديد هٿيارن سان شهر ۾ هوائي فائرنگ ڪري خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ٿيڻ جو جشن ملهايو. شهر جي مختلف علائقن ۾ جديد هٿيارن جي نماءَ ۽ هوائي فائرنگ سبب شهرين ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو