اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ يوسف رضا گيلاني جي حق ۾ ڪاسٽ ٿيل 7 ووٽن کي رد ڪرڻ واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي وفاق سميت چيئرمين سنييٽ صادق سنجراڻي، سيڪريٽريٽ سينيٽ، سيڪريٽري قانون، پارلياماني مامرن واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرزائيڊنگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي سمورين ڌرين کان 27 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه جسٽس عامر فاروق، جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل ڊويزنل بينچ سنگل بينچ جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار يوسف رضا گيلاني جي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته چونڊ دوران پرزائيڊنگ آفيسر اهو چيو هو ته ووٽ جي خاني ۾ ڪٿي به ٺپو لڳائي سگهجي ٿو، پر بعد ۾ ان 7 ووٽ ان لاءِ رد ڪيا ته ٺپو نالي تي لڳل هو، سينيٽ جي سيڪريٽري سان رابطو ڪيو ۽ ان کي به صورتحال کان آگاهه ڪيوسين، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ميرٽ تي دليل ٻڌڻ کان بغير ئي اسان جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پرزائيڊنگ آفيسر آئين مطابق ووٽ نه ٿو وجهي سگهي پر هن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ايوان جي ڪارروائي جو حصو ناهي هوندي ان کي ڪنهن به فورم تي چيلنج ڪري سگهجي ٿو، پرزائيڊنگ آفيسر به اهو چيو هو ته منهنجو فيصلو ڪنهن به عدالت ۾ چيلينج ڪري سگهجي ٿو.