اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جر جي پاڻي جي قيمت مقرر ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت پاران واٽر سيس تي قانون سازي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ڪالهه جر جي پاڻي جي قيمت مقرر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ڪئي، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلي کي هڪ سال گذري چڪو آهي، ان باوجود سنڌ حڪومت واٽر سيس متعلق قانون سازي ناهي ڪئي، جسٽس مقبول باقر چيو ته سنڌ حڪومت کي قانون سازي ڪرڻ ۾ ڇو وقت لڳي رهيو آهي؟ ان جي وضاحت ڪئي وڃي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سنڌ حڪومت عدالت جي فيصلي کي سنجيدگي سان ناهي ورتو، ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي جواب ڏئي، جيڪڏهن جواب اطمينان بخش نه هوندو ته سنڌ حڪومت خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت جي پڇاڻي تي پنجاب جي وڪيل ٻڌايو ته پنجاب حڪومت 2019ع ۾ جر جي پاڻي متعلق قانون سازي ڪري چڪي آهي، ڪي پي ڪي حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت پنجاب حڪومت جي قانون کي اپنايو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي وڪيل چيو ته قانون تيار آهي جيڪو اسيمبلي کان پاس ڪرائڻو آهي، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪندي چئني صوبن کان واپس ڪيس جي متعلق تفصيل طلب ڪري ورتا.