لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي عمران خان کي ڏسي خوش ٿيڻ ۽ بيسٽ آف لڪ چوڻ وارن ريمارڪس تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف چيو ته پٽ کان ڪجهه درهم پگهار نه وٺڻ تي مون کي نااهل ڪرائي جيل موڪليو ويو ۽ ٻئي پاسي هڪ ثابت ٿيل ڪرپٽ کي صادق ۽ امين قرار ڏئي الله جي آخري رسول صلي الله عليه وسلم جي مقام جي توهين ڪئي وئي. هن چيو ته اسان کي سزا ٻڌائيندڙ 60 ارب لٽيندڙن جي آجيان ڪندا آهن، ڪير ڪندو اهڙي عمل جو احترام؟