ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي پارٽي ڇڏڻ بابت ھلندڙ افواھن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سندس جماعت آھي، ھن 23-24 سال پارٽي کي ڏنا آھن ـ پارٽي ڇڏڻ جون ڳالهيون ھلائيندڙ کيس گولي ھڻي ڇڏين پر ھو پارٽي نه ڇڏيندو، ڪالهه علي زيدي کي چيلهه  ۾ سور سبب جيل انتظاميا سندس گهر مان خانگي اسپتال آندو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته ھو پارٽي تڏهن ڇڏيندو، جڏهن عمران خان پارٽي ڇڏيندو،  کيس انھي ڳالهه جو ڏک آھي ته پارٽي ۾ ويٺل پاڻ به ڪجهه نٿا ڪن ۽ ٻين کي به ڪم ڪرڻ نٿا ڏين، اهي ئي ان قسم جا افواھج ھلائين ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان کيس پارٽي مان ڪڍي ڇڏيندو ته ھو وڃي چوڪيداري ڪندو، ان موقعي تي علي زيدي لڙڪ لاڙي ويٺو، ھن چيو ته مون سدائين تشدد جي مذمت ڪئي آھي، مون  25 مئي تي ماڻهن کي روڪيو پر مٿس دھشتگردي  ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، هن چيو ته 9 مئي تي پر تشدد ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي،  رينجرز چوڪي کي باھ ڏيڻ جي مذمت ڪريان ٿو ـ ھن چيو ته اڄ جيڪڏهن قوم سڪون جي ننڊ سمھي ٿي ته انھي جو سبب فوجي جوان آھن، جيڪي سرحدن جي حفاظت لاء راتيون ۽ ڏينهن جاڳن ٿا،  فوج اسان مان آھي ۽ اسين فوج مان آھيون ـ واضح رھي ته علي زيدي کي ايم پي او تحت مهيني لاءِ نظربند ڪيو ويوآهي، سندس گھر کي سب جيل قرار ڏئي کيس اتي ترسايو ويوآ هي