اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ 9 مئي جي ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پاڪستاني جي ازلي دشمن 75سالن جي تاريخ ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي جيڪو 9 مئي جي ڏينهن پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن ڪيو آهي، عمران خان جي سوچيل سمجهيل منصوباندي تحت پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن ۽ پلانٽيڊ ماڻهن عسڪري عمارتن ۽ ٻين عمارتن تي حملا ڪيا، اسپتالن ۽ اسڪولن کي ساڙيو ويو، ايمبولسن مان مريضن کي ٻاهر ڪڍي اڇليو ويو، ايڌي جي ايمبولس ساڙي وئي، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، ريڊيو پاڪستان جي تاريخي عمارت کي باهه ڏني وئي، اهو ڪنهن به صورت سياسي يا عوامي احتجاج نه آهي اها ملڪ دشمني آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هٿياربندن جٿن پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو، وڳوڙن ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، هن چيو ته رياست جي پروٽيڪشن ۽ رياست جي رٽ قائم رکڻ پارليامينٽ، ايگزيڪيوٽو ۽ جوڊيشري جي ذميواري آهي، هن چيو ته اڄ زمان پارڪ هٿياربند جٿن جي پناهه گاهه بڻيل آهي، پنجاب حڪومت سمورا ثبوت فراهم ڪري ڇڏيا آهن، هٿياربند جٿن کي ڀڙڪائڻ جو ماسٽر مائينڊ عمران خان آهي، مراد سعيد وڊيو ۾ چيو ته جي ايڇ پهچي وڃو، هن چيو ته ان سلسلي ۾ هڪ مانيٽرنگ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ڪنهن به ڏوهاري سان ڪنهن قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.