اسلام آباد/لاهور/ڪراچي (بيورو رپورٽ + م ڊ)  پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار، ڪراچي مان ايم اين اي محمود مولوي جي استعيفا بعد پنجاب مان عامر ڪياني سياست تان ئي هٿ کڻي ويو، پي ٽي آءِ جي رُڪنيت سوڌو سمورا عهدا ڇڏڻ جو به اعلان ڪيو، ٻين ميمبرن جون به استعيفائون، پنجاب جي صوبائي تڪ پي پي 148 تي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر ميان عباد فاروقي پارٽي جي ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي، وفاقي وزير خواجه آصف دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي 22 ايم اين ايز جو گروپ اچي رهيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي 33 ايم اين ايز ۽ 43 ايم پي ايز پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب پنجاب مان پي ٽي آءِ ميمبر عامر ڪياني پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، عامر ڪياني اين اي 61 تان چونڊيل ايم اين اي ۽ پي ٽي آءِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل هو، پريس ڪانفرنس ڪندي عامر ڪياني چيو ته 9 مئي جي واقعن تي تڪليف ٿي آهي، اسان جي بقاءَ الله کانپوءِ فوج سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کان شروع ڪيل سياسي سفر 27 سالن بعد ختم ڪريان ٿو، وڌيڪ سياست جو حصو نٿو ٿيڻ گهران، رڳو پي ٽي آءِ نه پر سياست به ڇڏي رهيو آهيان، هن چيو ته پاڪستان بحران ۾ آهي، پي ڊي ايم جون مهربانيون آهن، هن چيو ته عمران خان سان به تعلق رهيو، مون ڪڏهن به پاڪستاني فوج جي خلاف بيان نه ڏنو آهي، منهنجو ڏاڏو ۽ خاندان آرمي سان تعلق رکن ٿا، 9 مئي جي واقعن بعد مون تي دهشتگردي جا 8-9 ڪيس آهن، منهنجو نالو اي سي ايل ۾ آهي، منهنجي ٻاهر ڪا به ملڪيت نه آهي، جڏهن ته پنجاب جي صوبائي تڪ پي پي 148 تي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر ميان عباد فاروقي پارٽي جي ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ عباد فاروقي چيو آهي ته ياسمين راشد، محمود الرشيد ۽ ٻي قيادت گهرائي چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس کي باهه ڏيڻي آهي، اداري کي باهه ڏيڻ سان ملندڙ ٽڪيٽ مونکي نٿي گهرجي، هوڏانهن پ پ اڳواڻ علي موسيٰ گيلاني دعويٰ ڪئي ته بلوچستان جي علائقي جعفرآباد مان چونڊيل ايم اين اي جان محمد جمالي ۽ ايم پي اي عمر جمالي به تحريڪ انصاف کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، وفاقي وزير خواجه آصف دعويٰ ڪئي آهي ته 22 پي ٽي آءِ ايم اين ايز جو گروپ اچي رهيو آهي، عمر عطا بنديال جسٽس فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف جي يو آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ذريعن کان ڄاڻايو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جا 33 ايم اين ايز ۽ 43 ايم پي ايز پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.