4 فيبروري، جڏهن پير پاڳاري جي گادي بحال ٿي

0
287
4 فيبروري، جڏهن پير پاڳاري جي گادي بحال ٿي

  اڄ 4 فيبروري 1952ع،انگريزن کي ڌرتي تان تڙڻ لاءِ برصغير جي  انتهائي منظم گوريلا جنگ “حر هلچل ” دوران پابندي پيل پير پاڳاري جي گاديءَ جي بحاليءِ جو ڏينهن آهي. برٽش جڏهن برصغير تي قبضي جي شروعات ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ويس ۾ ڪئي ته ساڻن پهريون مهاڏو  1843ع ۾ پير صبغت الله شاهه اول  اٽڪايو ۽ حرن پورا هڪ سئو سال ڌرتي بچائڻ لاءِ انگريزن سان ويڙهاند ۾ گذاريا ۽ 20 مارچ 1943ع تي پير صبغت الله شاهه دوئم سورهيه بادشاهه جي شهادت سان اها گوريلا ويڙهه انگريز ماٺي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو پر فقط 4 سالن بعد 14 آگسٽ 1947ع تي ان انگريز کي ملڪ ڇڏڻو پيو. ان کان اڳ جڏهن پير سائين سورهيه بادشاهه کي 1942ع ۾ گڙنگ بنگلي وٽان گرفتار ڪيو ويو ته سورهيه بادشاهه پاران وطن جي آزاديءَ لاءِ جوڙيل “ غازي فورس” جا جوان گرفتار ڪري گڙنگ بنگلي تي جهازن ذريعي بمبارمنٽ ڪري حرن کي لوڙهن ۾ قيد ڪري پير پاڳاري جي گاديءَ تي پابندي لڳائي ويئي ۽ ٺيڪ ڏهن سالن بعد 1952ع ۾ اها گادي حڪومت پاڪستان بحال ڪري حرن کي لوڙهن مان آزد ڪيو ۽ ان نوجوان پير پاڳاري جي فراست هئي جنهن پنهجي سفر جي شروعات قيوم ليگ بعد 1953ع ۾  مسلم ليگ ۾ شموليت سان ڪئي ۽ سنڌ ۾ پنهجي گروپ کي ڪاميابي ڏياري جنهن جي موٽ ۾ پير پاڳاري کي محمد خان جوڻيجو ۽ عبدالقادر سنجراڻي جي صورت ۾ وزارتون مليون، پير پاڳاري ان ئي  محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم  جي عهدي جليله تائين به پهچايو.

 شاهه مردان شاهه جي ستون پاڳارو بڻجڻ تائين حر جماعت ڏکن، تڪليفن،قيد بند ۽ جيلن ۾ جهڙي نموني گذاري ان بعد ان جماعت جو وري اوج خواب ٿي لڳو جڏهن پنهنجن به تڪليفون ڏنيون هجن ۽ انهن به دشمن سان گڏجي ڏنجھه ڏنا هجن ته اهڙي وقت بعد خوشي ڪنهن عيد کان به وڌيڪ ٻلهار ڪري ڇڏي ٿي. سنڌ جي ماڻهن کي اهو نه وسريو هوندو ته  پنهنجن جي بيوفائين ۽ مخبرين ڪري سنڌ جو سورهيه بادشاهه گڙنگ بنگلي وٽان گرفتار ٿيو. تحريڪ آزاديءَ جي هن هيرو کي انگريز سرڪار جڙتو ڪيس ۾ سزاءِ موت ڏيئي ڇڏي. حر تحريڪ برصغير جي انهن چند گوريلا جنگين مان هڪ هئي جنهن انگريز سرڪار کي ملڪ مان تڙي ڪڍيو. هن گوريلا ويڙهه انگريز کي ساهه پٽڻ نه ڏنو ۽ انهن هتي آزاديءَ جي جهدوجهد خلاف مسلسل پروپئگنڊا  ذريعي آزاديءَ جي مجاهدن خلاف من گھڙت قصا ۽ غلط بيانين ذريعي عوام ۾ انهن جي همدردي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ انگريز ڪافي حد تائين ڪامياب ويو، جو اڄ به آزاديءَ جي انهن مجاهدن کي ڌاڙيل ڦورو چيو وڃي ٿو.

اڄ ڏينهن تائين حرن مٿان ڌاڙيل جي تهمت ناهي لٿي حالانڪه پوري موجوده پاڪستان ۾ انگريزن خلاف اهڙي منظم گوريلا ڪارروائي صرف حرن ئي ڪئي جنهن ڪري انگريز کي ملڪ ڇڏڻو پيو. برصغير جي پهرين مارشل لا به صرف حرن خلاف لڳي ۽ حر هجڻ ئي ڏوهي هجڻ جو ثبوت قرار ڏنو ويو هو. وڏن ميدانن تي ڪنڊن جا لوڙها ڏيئي انهن کي جيل قرار ڏيئي حرن کي قيد رکيو ويو، سندن سپهه سالار ۽ مرشد پير صبغت الله شاهه پيرپاڳاري کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رکيو ويو ۽ کيس اتي ئي سيڄ چاڙهيو ويو، سورهيه بادشاهه جي ڦاسي کي حر عقيدت مان سيڄ چاڙهڻ چوندا آهن. پير سائين سورهيه بادشاهه جي شهادت وقت سندس ٻنهي فرزندن جي عمر ننڍي هئي.  پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي عقيدت ۽ جان فروشي ڏسي انگريزن شهيد سورهيه بادشاهه پيرپاڳاري جي شهادت کان پوءِ جڙتو پاڳارو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن اهڙو گادي نشين آڻجي جيڪو انگريزن جي تعبيداري ڪري.

  جنهن بابت پيرسائين شاهه مردان شاهه کان هڪ ڀيرو  انٽرويو ۾ سوال ڪيو ويو ته اهي ڪير هئا جن کي انگريزن پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو، الياس شاڪر ۽ مختارعاقل کي انٽرويو ڏيندي پير سائين شاهه مردان شاه وراڻيو ته “اهو ڪافي ناهي ته اهي ۽ انهن جا آقا ان مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيا”  سوال ڪندڙ جي تاريخي رڪارڊ کي درست رکڻ ۽ مسلسل اسرار ڪرڻ تي پير صاحب وراڻيو ته “ ٻڌو اهو پير علي محمد راشدي هو جيڪو چوٿين پيڙهي ۾ اسان جي خاندان سان ملي ٿو جنهن کان انگريزن پير صاحب شهيد جي خلاف ڪيس ۾  تمام گهڻو ڪم ورتو انگريزن هن کان سرڪاري شاهدن جا بيان تيار ڪرائڻ ۽ کين شاهدي لاءِ سکيا ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. علي محمد راشدي پهريان شاهدن کان پاڻ بيان  ٻڌندو هو ۽ پوءِ فائنل پرفارمانس لاءِ  عدالت موڪليندو هو، اسان جي والد صاحب (سورهيه بادشاهه) جي وڪيل اسان کي انهن مڙني واقعن بابت آگاهه ڪيو ته ڪيئن نه پير علي محمد راشدي انگريزن جي مرضي مطابق شاهديون ڏياريون.

انگريز کيس ان خدمت جو صلو پاڳارا خاندان جي گادي نشين ڪري ڏيڻ ٿي چاهيو پر پوءِ جلدي انهن کي اهو معلوم ٿي ويو ته ايئن ڪيو ويو ته وري ڪنهن نئين طوفان کي منهن ڏيڻو پوندو، ان ڪري انهن کي اها همت نه ٿي”. پير سائين سورهيه بادشاهه جي شهادت بعد انگريز سرڪار 30 اپريل 1942ع تي گڙنگ بنگلي مان سيد شاهه مردان شاهه ۽ سندس ڀاءُ نادر علي شاهه سميت سموري خاندان کي تحويل ۾ وٺي ڪراچيءَ آندو ويو ۽ 1944ع ۾ کين تعليم بهاني علي ڳڙهه منتقل ڪيو ويو جتان وري 1946ع ۾  لنڊن شهر جي گھٽ آباديءَ واري علائقي “پنر” ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو جتي دنيا ۾ انگريزن خلاف وڙهندڙ “باغين” جا ٻار رهندا هئا جن جو ڪل تعداد 12، 13 هو.  پير پاڳاري جي گاديءَ جي بحاليءَ جو اطلاع پاڪستان جي پهرين وزيراعظم  لياقت علي خان 1949ع ۾ پير سائين شاهه مردان شاهه سان لنڊن  ۾ سمنڊ ڪناري “ڪليريجز” نالي هڪ هوٽل ۾ ملاقات ڪري ڏنو ۽ حرن جي  آزاديءَ لاءِ جهدوجهد کي ساراهيو، ان جي باوجود گادي 1952ع ۾ بحال ٿي.

آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ اهي حر مجاهد آزاديءَ بعد به پنج سال انگريزن جي ٺهيل لوڙهن ۾ قيد رهيا. لوڙها ته پهرين اپريل 1952ع تي ختم ڪيا ويا پر انگريزن جي دور۾ لڳايل جڙتو ڪيسن ۾ ملوث ڪيل حرن تان ڪيس ختم نه ٿيا ۽ اهي مسلسل ڪورٽن ۾ حاضريون ڏيندا رهيا عدالتن مان پنهجي بي گناهي ثابت ڪري سرخرو ٿيا انهن لاءِ ڪو قانون نه جڙيو ته اهي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ آهن، انهن کي قيد مان ڪڍي سلامي ڏيو نه ئي انهن کي مڃتا ملي  ان جو سبب ڪهڙو به هجي پر آزاديءَ کان پوءِ ملڪ تي جنهن اشرافيه جو قبضو ٿيو اهو اڃا جاري آهي. جن ڀوتارن 20 مارچ 1942ع تي حرن تي مارشل لا  جو قانون سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويهي پاس ڪيو اهي سڀ جا سڀ سنڌ جا هئا انهن مان ڪو به لنڊن مان نه آيو هو انهن ئي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙن تي مارشل لا مڙهيو جن مان ڪجهه اسيمبلي ميمبرن جمعي ڏينهن جو فائدو وٺندي نماز جو بهانو ڪري ڪنڊائتا ٿيا ته ڪن انگريزن جي پگھار حلال ڪندي قانون پاس ڪيو. ان ذهني غلامي واري سوچ جي خاتمي لاءِ عوام جي حڪمراني جي ضرورت آهي جيڪا تبديليءَ سان ايندي، ان تبديليءَ لاءِ هر ماڻهو پاڻ کي بدلائي  غلاميءَ جي دور کي پڄاڻيءَ تي پهچائي سگهي ٿو جنهن سان سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ عوام جي حقيقي حڪمراني اچي سگهي ٿي.