اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي پنڊي پهچڻ واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 26 نومبر به امپائر جي آڱر کڄڻ بنا گذري ويندي، هن چيو ته عمران خان 26 نومبر تي پنڊي اسلام آباد نه پر يو اي اي ۽ لنڊن جي عدالت جي ٽڪيٽ ڪرائي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران جي سياست، سازش ۽ تماشو ختم، 26 نومبر عمران جي ڪوڙي آزادي مارچ 2014ع جي ڌرڻي وانگر فلاپ سين ٿيڻ جي تاريخ آهي، هن چيو ته 26 نومبر عمران جو تماشو ختم ٿيڻ جي تاريخ آهي.