لاهور (م ڊ) پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جلسن جلوسن ۾ شرڪت تي پابندي لڳائي وئي آهي. آءِ جي پنجاب ان حوالي سان سي سي پي او لاهور سميت سڄي صوبي جي آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪو پوليس آفيسر يا اهلڪار جلسي جلوسن جو حصو نه بڻجندو، حڪمن جي ڀڃڪڙي تي سخت ايڪشن ٿيندو، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سياسي جلسن ۾ ڊيوٽي دوران وردي جو تقدس قائم رکن. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪو پوليس آفيسر يا اهلڪار جلسن جلوسن ۾ نعريبازي نه ڪندو، پوليس جون گاڏيون به ساسي جلسن جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ استعمال نه ٿينديون، پوليس جون گاڏيون رڳو سيڪيورٽي لاءِ استعمال ٿينديون. خط ۾ چيو ويو آهي ته وردي ۾ تصويرون ڪڍڻ ۽ سوشل ميڊيا تي عوامي خيالن لاءِ پوسٽ ڪرڻ تي پابندي آهي.