ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ  پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم شھباز شريف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف پروگرام هيٺ 26 لک 46 هزار ٻوڏ متاثرخاندانن ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين جي امدادي رقم ورهائي وئي آهي. ڪالهه به وڌيڪ 5 ھزار خاندانن ۾ 25 هزار رپين جي امدادي رقم ورهائي وئي، جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ جي 18 لک 12 هزار خاندانن ۾ 46 ارب، بلوچستان جي 2 لک 10هزار خاندانن ۾ 5 ارب، ڪي پي جي 3 لک خاندانن ۾  7 ارب 50 لک  ۽ پنجاب جي 3لک 23 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي