جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌ جي عوام ظالمن جو ساٿ ڏئي اقتدار ۾ پهچايو، قاتلن جي ساٿ ڏيڻ سان ظلم ۽ جبر جو راڄ رهندو، سنڌ جي عوام 70 سالن کان پ پ جو ساٿ ڏنو پر کين ڪجھه ناهي مليو،  سنڌ هڪ تلاءُ بڻجي ويو آهي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ان ۾ ٽوٻيون ڏنيون وڃن، اهڙو اظهار امير جماعت اسلامي سراج الحق جيڪب آباد جي ڊي سي چوڪ تي برسات متاثرن جي مدد ۾ دير ۽ ڪرپشن بابت رٿيل جلسي کي خطاب دوران ڪيو، هن چيو ته  سنڌ جي عوام ترقي ناهي ڪئي، سنڌ جي ماڻھن سان ظلم ٿيو آهي، هڪ طبقو نسل در نسل عوام تي مسلط ٿئي ٿو، سنڌ جي ماڻهن ۽ هارين جو اهو ڪم ناهي جو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي بنگلن جي چوڪيدار ڪن، هاڻي انهن جي قبضن مان نڪرڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ برسات کانپوءِ تلاءُ بڻجي ويو آهي حڪمرانن کي برسات سبب تلاءُ بڻيل پاڻي ۾ ٽٻيون ڏياريون وڃن، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي کربين روپين جد امداد ملي آهي ڇا ماڻهو مري ويندا پوءِ انهن کي پئسا ڏنا ويندا؟ سنڌ جي بهادر قوم کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن فقير بڻائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ، پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي فوجين جي ڪونڊن ۾ پليا آهن،