اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مامرن بابت صلاحڪار قمر الزمان ڪائره ملاقات ڪئي جنهن دوران ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مامرن توڙي ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته سمنڊ پار پاڪستاني جي وفاقي وزير ساجد طوري، مذهبي مامرن جي وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، فاٽا مان چونڊيل محسن داوڙ، محمد جمال الدين پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گهرو وزير رانا ثناءُ الله، رٿابندي جو وزير احسن اقبال به موجود هو، ٻئي طرف وزيراعظم سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن ناصر اقبال، سردار عرفان ڏوگر، علي زاهد، رياض الحق جج پڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن دوران انهن پنهنجي تڪن جي مسئلن بابت وزيراعظم کي آگاهي ڏني آهي.