ھمايون شريف ويجھو چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي گھر ڌڻي قتل

0
256
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ھمايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ويجهو چوري ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي چورن گوليون هڻي گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ صدورو گورشاڻي ۾ چور واردات جي نيت سان هڪ گهر ۾ داخل ٿيا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي مزاحمت ڪئي. چور مزاحمت ڪندڙ گهر ڌڻي امان الله پٽ رهزن گورشاڻي کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي ليٽر ڏنو. وارث زخمي کي مقامي اسپتال بعد شڪارپور کڻي پئي ويا ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو. وارثن جو چوڻ آهي ته چور رات جي وقت چوري ڪرڻ گهر ۾ گهڙيا ته گهر سجاڳ ٿي مزاحمت ڪئي، جنهن تي کيس گوليون هنيون ويون.