دادو ۾ ڊليوري دوران عورت فوت، وارثن جو احتجاج

0
222

دادو(ن پ ا) دادو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ ڊليوري دوران عورت فوت ٿي وئي، وارثن جو احتجاج، ڪلثوم زال علي بخش ملاح کي سندس وارث اسپتال آندو جتي گائني وارڊ ۾ ڊليوري دوران فوت ٿي وئي، جنهن جي وارثن لاش کڻڻ کان انڪار ڪندي ڊاڪٽر ۽ نرسز خلاف احتجاج ڪيو ۽ الزام مڙهيو ته ڊاڪٽر جي غفلت سبب ڪلثوم فوت ٿي آهي، ان دوران عورت جي وارثن ۽ ڊاڪٽرز وچ ۾ منهن ماري به ٿي، اطلاع تي سول سرجن ۽ پوليس اٽالا پهچي عورت جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون، فوتي عورتن جي وارثن چيو ته ذميوار ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي انصاف ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.