ڳڙھي ياسين ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

0
390

ڳڙھي ياسين (ن پ ا)ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ شاھم مارفاڻي ۾ عزيز الله مارفاڻي ۽ شاھم مارفاڻي جي ڌرين ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا موقعي تي قتل، تفصيل موجب 3 سال اڳ ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ شاھم مارفاڻي ۾ عزيز الله مارفاڻي ۽ شاھم مارفاڻي جي ڌرين ۾ ڪارنھن معاملي تان شروع ٿيل تڪرار شدت اختيار ڪري ويو ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ، فائرنگ جي نتيجي ۾ شاھم مارفاڻي واري ڌر جا عبدالنبي ۽ سڌير مارفاڻي، جڏھن ته عزيز الله مارفاڻي واري ڌر جا محمد ھاشم ۽ عبدالڪريم مارفاڻي موقعي تي مارجي ويا، اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويلن جا لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا، لاش گھر پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن مارجي ويل عبدالڪريم مارفاڻي جي پيءُ عزيز الله مارفاڻي ٻڌايو ته 3 سال اڳ دلبر مارفاڻي اسان جي ٻانھن کڻي ويو ھو جنھن تان تڪرار شروع ٿيو، جنھن بعد اسان ڳوٺ ڇڏي ڳڙھي ياسين ۽ جاڳڻ ۾ رھائش ڪئي، ھن چيو ته مارجي ويل عبدالڪريم منھنجو پٽ ۽ محمد ھاشم ڀائٽيو آھي جيڪي جاڳڻ شھر ۾ رھندا ھئا منھنجي ٻنھي نوجوانن کي ڳالھيون ڪرڻ واري فريب سان گھرائي گھر ۾ بند ڪري تشدد بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي ظالمن ظلم ڪيو آھي، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي شاھم مارفاڻي واري ڌر جي منير مارفاڻي ٻڌايو ته 3 سال اڳ منھنجو سئوٽ دلبر مارفاڻي کي مارجي ويل محمد ھاشم جي سئوٽِ سان ڏوھي ڪيو ويو ھو جنھن جو سردار زاده نجف ڪماريو وٽ راڄوڻي فيصلو به ٿي چڪو ھو جنھن ۾ اسان مٿان 5 لک ۽ سڱ چٽي وڌو ويو جيڪو اسان قبول ڪيو ھو ان تي به ھو پاڻ نه بيٺا ھئا جنھن تان فجر ويل 20 کان وڌيڪ ھٿياربندن اسان جي گھر ۾ گھڙي اوچتو حملو ڪري ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ منھنجا سئوٽ عبدالنبي ۽ سڌير مارفاڻي قتل ٿي ويا، جڏھن ته دائم مارفاڻي ۽ شوڪت مارفاڻي سخت زخمي ٿي پيا جنھن بعد جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ ڌر جا محمد ھاشم ۽ عبدالڪريم مارفاڻي به مارجي ويا،هن چيو ته اسان شروع کان فيصلو ڪرڻ ٿي چاھيو پر ھو انڪاري رھيا ھوڏانھن ھڪ ئي وقت چئن ڄڻن جي مارجي وڃڻ تي علائقي ۾ سوڳ پڻ ڇانيل آھي ۽ جھيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ مامو ڀاڻيجا ٻڌايا پيا وڃن چئن ڄڻن جي مارجڻ بعد ڌريون مورچا بند ٿيل آھن،ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او گلزار علي ٻرڙو ٻڌايو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا رشتيدار آھن ڌرين جو پاڻ ۾ ڪارنھن معاملي تان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو جنھن تان واقعو پيش آيو آھي، اطلاع ملڻ شرط اسان بروقت واقعي واري ھنڌ پھچي فائرنگ بند ڪرائي مارجي ويلن جا لاش اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن ڪري شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ٻنھي ڌرين پاران ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو.