جروار ۾ گيڙو ويس پهريل فنڪارن صوفياڻا ڪلام ڳائي شهر جو واڪ

0
375

جروار (ن پ ا ) درگاھ جهانپور جي صوفي فنڪارن جروار ۽ ڀرپاسي جي علائقن جو سير ڪري مختلف پاڙن ۾ صوفياڻا ڪلام يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائي محبت، امن، ڀائپي ۽ رواداري جو درس ڏيندا رهيا. شھري صوفي فقيرن جي ڳايل ڪلامن تي گڏ ٿي ويا، کين ڀرپور داد پڻ ڏيندا رهيا. صوفي فنڪار صدام شاھ، مختيار فقير، ڪجل فقير، امان الله، فقير لياقت فقير چيو ته حضرت انسان نفسا نفسي جي دور ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويا آهيون جو اسان کان انسانيت جو مفهوم به وسري ويو آهي، هن وقت هر مذھب ۾ انتها پسندي وارو رجحان تيزي سان پروان چڙھي پيو، جنهن مان سڀ کان وڌ انسانيت کي خطرو آهي، اسين انسانيت ۽ انساني قدرن جي بقا لاءِ نڪتا آھيون، صوفي ازم کي عام ڪري انتهاپسندي جهڙي لعنت کان ڇٽڪارو حاصل ڪري پيار، پريت محبت ۽ حقيقي ماڻھپي وارو آئيڊيل سماج آڻي سگهون ٿا.ياد رهي ته هر سال صوفي درگاھ جهانپور شريف جا فقير گيڙو ويس پائي صوفياڻا ڪلام ڳائي سير ڪري پيار ۽ محبت جو پيغام ڏيندا آھن.