ٺٽو (رپورٽر ) بحريا ٽائون ۽ ڊي ايچ اي سميت مختلف ادارن جي والار خلاف حيدرآباد کان نڪتل پيادل قافلو ٺٽي پھچي ويو، پيادل قافلي جي ٺٽي پهچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو ويو سنڌي وسندين تي بحريه ٽائون جي قبضن توڙي ڊي ايچ اي جي والار ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف انعام عباسيءَ جي اڳواڻي ۾ نڪتل پيادل قافلو ڪينجھر کان ٿيندو سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي پهتو. پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مختلف ڌرين سان لاڳاپيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گل ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو. پيادل قافلي ۾ شامل پانڌيئڙا بحريا ٽائون جي انتظاميا جي ڏاڍاين خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھِن وقت ھر طرف کان سنڌ تي حملا ڪيا پيا وڃن، ڌرتي ڌڻين لاءِ ھي ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف جدوجهد جاري رهندي. هنن جو چوڻ هو ته ھٿ وٺي سنڌ جون حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، وسيلن سان مالا مال سنڌ ڌرتي جا ماڻھو، بک ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رھيا آھن.