شڪارپور (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ شڪارپور جي سڏ تي بحريه ٽائون اتنظاميا ۽ سنڌي وسندين کي مسمار ڪرڻ خلاف پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، سخت نعريبازي، ان موقعي تي اڳواڻن دين محمد شيخ، ظفر علي چنا، زاھد ڀنڀري، سيد واجد علي شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون ملير جي قديمي ڳوٺن تي قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاهي ظلم ڪيو آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته قبضا مافيا ڌرتي ڌڻين لاءِ پنھنجي ئي ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر بحريه ٽائون جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.