حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي کي ايجوڪيشن فئڪلٽي جو ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. سندس مقرري ٽن سالن لاءِ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي جي بطور ڊين فئڪلٽي آف ايجوڪيشن يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو جو سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.