سنڌي ٻٽڙا (ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا جي رھواسي سڪندر علي قمبراڻي جو 17سال جو نوجوان پٽ ثناء الله قمبراڻي گذريل رات حيدرآباد ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان ثناء الله قمبراڻي جو مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، جڏهن ته مرحوم جو تڏو حيدرآباد ۾ ڪيو ويو جڏهن ته سڪندر علي قمبراڻي ڪجهه عرصي کان فيملي سميت حيدرآباد پڻ رھائشي آهي.