گھوٽڪي ٽرين حادثي بابت وفاقي وزير جي بيان کي غير ذميواراڻو سمجھون ٿا:سپريم ڪورٽ

0
215

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ گهوٽڪي ۾ ٽرين حادثي دوران مسافر فوت ٿي ويا ۽ وفاقي وزير چئي رهيو هو ته ماڻهو واپس آڻيو ته استعيفيٰ ڏيان، عدالت وفاقي وزير جي بيان کي غير ذميوراڻو سمجهي ٿي، سپريم ڪورٽ ريلوي ٽريڪ بابت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ريلوي جي آفيسرن ۾ قابليت آهي نه اهليت، وفاقي حڪومت معاملن جو جائزو وٺي، عدالت طرفان سکر کان ڪراچي ۽ روهڙي کان خانپور تائين نئين ٽريڪ تي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، اٽارني جنرل کان ريلوي جي معاملن تي شروعاتي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي.