بحريا ٽائون واقعي ڪيس ۾ قومپرست اڳواڻن جي حفاظتي ضمانت منظور

0
412

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بحريا ٽائون واقعي ڪيس ۾ قومپرست اڳواڻن جي حفاظتي ضمانت منظور، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سمورن ڪيسن ۾ رياض چانڊيو، گل حسن ڪلمتي، خالق جوڻيجو، يوسف خان ۽ ٻين اڳواڻن جي 25-25 هزار جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي: هڪ ئي واقعي جا 22 ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف قومپرست قيادت سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به واقعي جا هڪ کان وڌيڪ ڪيسز داخل نٿا ٿي سگهن، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو به واضح حڪم آهي، بحريه ٽائون واقعي تي قانون جي اُبتڙ 22 کان وڌيڪ ڪيسز داخل ڪيا ويا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي بحريه ٽائون ڌرڻي کانپوءِ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيسز ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي.