گولاڙچي (ن پ ا) گولاڙچي شھر ۾ آرائين ۽ پٺاڻ برادريءَ جي نوجوانن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جوابدار صالح شاھ پٺاڻ پسٽل جا فائر ڪري 24سالن جي عرفان آرائينءَ کي زخمي ڪري وڌو، جنهن گولاڙچي اسپتال ۾ مرهم پٽيءَ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. گولاڙچي پوليس جوابدارصالح شاھ پٺاڻ کي حراست ۾ وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين ڪنهن به ڌر پاران ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي وئي هئي.